سومرو محمد حـسيـن

سومرو محمد حـسيـن

محمد حسين سومرو

محمد حسين سومرو: محمد حسين ولد محمد صديق سـومـرو، 14 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ جھلي ڪلواڙي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ۽ بي. ايڊ آهي. 1971ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري ڪيائين، 1982ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي ٿيو ۽ ڪميشن جو امتحان ڏيڻ بعد 1984ع ۾ ليڪچرر ٿيو، جتان 2010ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.پروفيسر محمد حسين سومرو استادن جي تنظيم ’تنظيم اساتذه‘ سان واڳيل رهيو. استادن جي تنظيم جو سيڪريٽري ۽ صوبائي صدر به رهيو آهي. هن وقت ’حرى اسڪول شڪارپور‘ جو پرنسپل ۽ ‘حرى نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ‘ جو ڊائريڪٽر آهي. پروفيسر محمد حسين سومرو هڪ سٺو اديب آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’انسان جو ناحق قتل‘(ترجمو)، (2) ’اسلامي نظريه تعليم‘ (ترجمو)، (3) ’جديد فڪر جو چئلينج ۽ استاد‘، (4) ’اسلامي ۽ جديد تدريسي طريقن جو تقابلي جائزو‘، (5) ’تقوى راهه نجات‘ (اردوءَ ۾ سورة البقرہ جي پهرين ٻن رڪوعن جو تفسير) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.14  عيسوي

محمد حسين ولد محمد صديق سـومـرو، 14 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ جھلي ڪلواڙي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عارف
ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي
پير سومرو2
سشما ديوي
عبدالقادر محمد حسين
شاهه محمد
ايوب گاد
اخلاق حسين
خادم حسين انڙ
خواجه خورشيد انور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون